سانگهڙ . . ضلعي اندر مختلف ڪارخانن. هوٽلن ۽ ٻين هنڌن تي ڪم ڪندڙ پورهيتن جا انگ اکر گڏ ڪرڻ. کين درپيش مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ سندن خاندان جا تفصيل جمع ڪرڻ لاء روينيو ۽ لاڳاپيل تعلقن جي پوليس عملدارن تي ٻڌل سروي ڪاميٽيون جوڙيون ويون آهن 

​سانگهڙ . . ضلعي اندر مختلف ڪارخانن. هوٽلن ۽ ٻين هنڌن تي ڪم ڪندڙ پورهيتن جا انگ اکر گڏ ڪرڻ. کين درپيش مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ سندن خاندان جا تفصيل جمع ڪرڻ لاء روينيو ۽ لاڳاپيل تعلقن جي پوليس عملدارن تي ٻڌل سروي ڪاميٽيون جوڙيون ويون آهن جيڪي هڪ هفتي اندر پنهنجي رپورٽ پيش ڪنديون جنهن کان پوء ٻئي مرحلي ۾ ضلع اندر ڪم ڪندڙ سمورن پورهيتن کي سنڌ سوشل سيڪيورٽي ايڪٽ تحت رجسٽرڊ ڪيو ويندو. اهڙو فيصلو اڄ ڊپٽي ڪمشنر عمر فاروق بلو جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ ڪوٺايل وجيلنس ڪاميٽي جي هڪ گڏ جاڻي ۾ ڪيو ويو . جنهن ۾ روينيو. ليبر. پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي عملدارن شرڪت ڪئي . . . . گڏجاڻي ۾ جوڙيل سروي ٽيمن کي ڊي سي هدايت ڪئي ته ضلع اندر مختلف ڪارخانن. سرن جي بٺن. هوٽلن. شادي هالن ۽ ٻين هنڌن تي ڪم ڪندڙ پورهيتن جا مڪمل تفصيل گڏ ڪري هڪ هفتي اندر سندس آفيس ۾ جمع ڪرائن. هن چيو ته ضلع جي هوٽلن. بينڪن. سرڪاري توڙي خانگي آفيسن. ڪارخانن. ۽ٻين اهم جاين تي باهه وسائڻ وارن اوزارن جي موجودگي تي پڻ يقيني بڻايو وڃي. .. . . پورهيتن کي ٻئي مرحلي ۾ رجسٽرڊ ڪرڻ کانپوء کين زندگي جون سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون . . . جن ۾ صحت . سندن ٻارن جي مفت تعليم. نياڻين لاء ڏاج جي مد ۾ رقم ۽ حادثاتي صورتحال ۾ مالي مدد شامل آهي . . . پورهيتن کي سرڪار طرفان مقرر اجرت ڏيارڻ لاء پڻ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا ويندا . . . عمر فاروق بلو جو گڏجاڻي کي خطاب . . . . اطلاعات کاتو سانگهڙ. . .

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s