شيعه علماءِ ڪائونسل پاڪستان ڊويزن نوابشاهه جي جنرل سيڪريٽري محمد حسين چانڊيو نوابشاهه پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي

شيعه علماءِ ڪائونسل پاڪستان ڊويزن نوابشاهه جي جنرل سيڪريٽري محمد حسين چانڊيو نوابشاهه پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته 21 رمضان المبارڪ شهادت حضرت امام علي عليه السلام نهايت عقيدت و احترام سان منعقد ڪيو ويندو.ان سلسلي ۾ مجلسون منعقد ٿينديون ۽ ماتمي جلوس ڪڍيا ويندا.هن مطالبو ڪندي چيو ته 21 رمضان المبارڪ عام موڪل ڪئي وڃي جلوسن جي روٽ تي صفائي ۽ روشني جا انتظام ڪيا وڃن.شرپسندن تي ڪڙي نظر رکي وڃي هن اعلان ڪيو ته قائد ملت جعفريه پاڪستان علامه سيد ساجد علي نقوي جي حڪم تي ماتمي جلوس جي حفاظت لاءِ جعفريه اسڪائوٽ ۽ جعفريه يوٿ جا ڪارڪن پڻ مقرر ڪيا ويندا.جڏهن ته ان سلسلي ۾ (اڄ) بعد نماز مغربين امام بارگاهه يادگار ڪربلا ۾ مجلس عزا ٿيندي جنهن کي مرڪزي اڳواڻ علامه محمد باقر نجفي خطاب ڪندو ۽ حيدري امام بارگاهه مريم روڊ تي مجلس عزا پڻ ٿيندي ۽ بعد ۾ ماتمي جلوس برآمد ٿيندو جيڪو مختلف رستن کان ٿيندي سحري ٽائم مرڪزي امام بارگاهه پهچندو

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s