ڪمشنرشهيدبينظيرآباد غلام مصطفى ڦل ء ڊپٽي ڪمشنر نعمان لاٽڪي اڄ زيرتعمير ڊسٽرڪٽ جيل جو دورو ڪيو 

نواب شاھ( ڊ ر )ڪمشنرشهيدبينظيرآباد غلام مصطفى ڦل اڄ زيرتعمير ڊسٽرڪٽ جيل جو دورو ڪيو ان موقع تي ڊپٽي ڪمشنر محمدنعمان صديق ۽ انجنئير پراونشنل بلڊنگ به ساڻس گڏ هئا. ان موقع تي ڪمشنر واسطيدار عملدارن کي هدايت ڪئي ته جيل جو ڪم تمام جلد مڪمل ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته پراڻي جيل ۾ جڳھ گهٽ هئڻ جي ڪري قيدين کي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو هن چيو ته ڪم جي معيار تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندوان موقع تي انجنئير ٻڌايوته هن جيل ۾قيدين جي لاءِ اسپتال، جڏهن ته اسٽاف لاءِ رهائيش ڪوارٽر ۽ اسڪول جي سهولت به موجود هوندي بعد ۾ ڪمشنر ڊپٽي ڪمشنر سان گڏجي پراڻي ڊسٽرڪٽ جيل نوابشاھ جو دورو ڪيو ۽ قيدين کان کاڌ خوراڪ جي باري معلومات ورتي ۽ جيل اسپتال ۾ داخل قيدين جي پڻ عيادت ڪئي. ان موقع تي سپريٽنڊنٽ ڊسٽرڪٽ جيل محمداسلم ڪمشنر کي ٻڌايوته هن جيل ۾ تمام گهٽ جاءِ آهي ۽ قيدين جو تعداد وڌيڪ آهي ان ڪري اسان کي ڪافي مسئلن کي منهن ڏيڻون پوي ٿو جنهن تي ڪمشنر چيو ته نئون تعمير ٿيندڙ جيل تمام جلد مڪمل ڪيو ويندو ۽ هتان جا قيدي نئين جيل ۾ موڪليا ويندا.           

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s