جي اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي ڪوچيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته نوازشريف پاڪستان کي ٻه واٽي تي اچي بيهاريو آهي جو ٽرمپ ۽ مودي پاڪستان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن

​نوشهروفيروز(رپورٽ: اي ايس ڏاھري)

پاڪستان جي اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي ڪوچيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته نوازشريف پاڪستان کي ٻه واٽي تي اچي بيهاريو آهي جو ٽرمپ ۽ مودي پاڪستان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن پ پ جي قيادت اڳ به پاڪستان کي بچايو آهي ۽ هاڻي به بچائيندي. اهڙين ڳالهين جو اظهار نوشهروفيروز ڀرسان ڳوٺ قلندڙ بخش مبيجو ۾ 35 سال جتوئي خاندان سان سياسي ساٿ نڀائيندڙ مبيجا برادري جي سردار مولا بخش مبيجو ۽ اڳوڻو تعلقي ناظم منير احمد مبيجو پاران پ پ ۾ باضابطه شموليت ڪرڻ واري اعلان بعد ڪيو. آصف علي زرداري جلسي کي وڌيڪ خطاب ڪندي چيو ته ڪي ٽي بندر، ٿر ڪول ۽ گوادر پورٽ وارا پراجيڪٽ پ پ جا پراجيڪٽ آهن جن لاءِ اسان ڪوششون ڪيون پر ميان نوازشريف هر ڀيري حڪومت ۾ اچي انهن منصوبن کي تڪراري بڻائي پنهنجي سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. جمهوريت لاءِ قربانيون شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه ڏنيون پيپلزپارٽي هر دور ۾ سرخرو ٿي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ ملڪ جي حالت اها آهي جو آمريڪا ۽ مودي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن پر ميان نوازشريف پنهنجي نياڻي مريم نواز کي بچائڻ جي چڪر ۾ لڳو پيو آهي کيس پاڪستان جو ڪو فڪر ئي ناهي مودي ۽ ٽرمپ اتحاد پاڪستان کي دنيا ۾ اڪيلو ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن ۽ نوازشريف مودي سان يار ملهائي رهيو آهي پر مان کيس اهو ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته پيپلزپارٽي اڳ به پاڪستان کي بچايو آهي ۽ هاڻي به بچائيندي. هن چيو ته دنيا گلوبل وليج بڻجي چڪي آهي هر ٻار به سوشل ميڊيا استعمال ڪري ٿو ان جي ڪري ميان صاحب کي خبر هئڻ گهرجي ته هاڻي سندس ڪرتوت نه ٿا لڪي سگهن ۽ کيس ڪير به بچائي نه ٿو سگهي. هن چيو ته جي آءِ ٽي ميان نوازشريف کي سوڙهو ڪري وڌو آهي ان ڪري سندس حوصلا خطا ٿي ويا آهن تڏهن ته جي آءِ ٽي مٿان وار ڪري رهيو آهي پر ميان صاحب کي هن ڀيري ڀڄڻ نه ڏينداسين. قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه چيو ته سياست جو مطلب خدمت هوندو آهي سياست ۾ خدمت ڪرڻ پ پ ڄاڻي ٿي هاري، پورهيت، مزدور ۽ بيروزگارن کي روزگار ڏيڻ ۾ پ پ جو ڪردار رهيو آهي پر وفاقي سرڪار روزگار ڏيڻ وارا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن ماڻهو بک ۽ بدحالي جو شڪار آهن بجلي جي لوڊشيڊنگ ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي هڪ يونٽ به بجلي جو ميان صاحب جي دور ۾ پيدا ناهي ٿي سگهيو. هن چيو ته چونڊن کان اڳ ڀڀڪيون هڻندڙ ميان نوازشريف ۽ سندس ساٿاري چوندا هيا ته سڄو ملڪ سون ڪري ڇڏينداسين پر اڄ اها حالت آهي جو بجلي بحران جي ڪري ملڪ اندر ڪيتريون ئي فيڪٽريون، صنعتي ادارا بند ٿي چڪا آهن ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي. هن چيو ته پانامه عالمي اسڪينڊل آهي ان ۾ ميان نواز مڪمل طور تي ڦاسي چڪو آهي جنهن جي ڪري ججن جي ٻارن کي ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون ۽ ميڊيا کي پڻ ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان کي ٽرمپ ڊهشتگرد قرار ڏئي ٿو ۽ مودي ڌمڪيون ڏئي ٿو پوءِ به ميان نوازشريف خاموش تماشائي بڻيل آهي. هن چيو ته آصف علي زرداري ۽ ڀٽي خاندان جا پاڪستان تي احسان آهن اسان جمهوريت بحال ڪرائي آهي جمهوريت کي دفن ٿيڻ نه ڏينداسين. ايندڙ اليڪشن ۾ پنجاب، سنڌ، پختون خواهه ۽ بلوچستان ۾ پ پ ڀرپور اڪثريت ماڻيندي. اڳوڻي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته پ پ خلاف سازشون ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي شهيد راڻي ۽ آصف علي زرداري جي صدارت واري دور ۾ به سازشون ٿينديون رهيون پر اهي به پ پ جي جيالن ناڪام بڻائي ڇڏيون جڏهن به ڀٽي جو نعرو لڳندو آهي ته مون جهڙا پوڙها به جوان ٿي ويندا آهن اڄ مبيجي خاندان جي آڳنڌ تان شروعات ٿي آهي انتها اڃا اڳتي ٿيڻي آهي هن چيو ته سدائين پ پ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ مصنوعي چهرا آندا ويندا آهن پر اهي ناڪام ٿيندا آهن ۽ هن ڀيري به ڪي رانديگر ڪي ڪارٽون تيار ٿي رهيا آهن پر کين خبر هئڻ گهرجي ته انهن جون ڏوريون اسان وٽ آهن. ان موقعي تي پ پ ۾  شامل ٿيندڙ مبيجا برادري جي سردار مولا بخش مبيجو چيو ته اسان جي خاندان جو ڀٽي خاندان ۽ زرداري خاندان سان تعلقات تمام پراڻو رهيو آهي اڄ اهي تعلقات ٻيهر بحال ڪندي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان آصف علي زرداري سان هميشهه ساٿ رهندو. ان موقعي تي قانون جي صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار، ضلعي چيئرمين عبدالستار عباسي، ممتاز علي چانڊيو، ضلعي چيئرمين نوابشاهه ڄام تماچي، ايم پي اي ڊاڪٽر عبدالستار راڄپر، رئيس احمد نواز بهڻ، ايم پي سليم رضا جلباڻي ۽ ٻيا پ پ اڳواڻ، ڪارڪن وڏي تعداد ۾ موجود هئا.

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s