قاضي احمد م اينٽي ڪرپشن نواب شاھ سرڪل جاايجوڪيشن ء ايريگيشن جي آفيسن تي ڇاپا .پرائمری اسڪول آفتاب ڪالوني جو رڪارڊ اينٽي ڪرپشن جي ٽيم تحويل م وٺي ڇڏيو .ايريگيشن آفس قاضي احمد جاملازم اينٽي ڪرپشن جي ٽيم ڏسندي ئی رڪارڊ کڻي ڀتي ٽپي رڪارڊ سميت فرار .


قاضي احمد اينٽي ڪرپشن نوابشاھ جي سرڪل آفيسر  يار محمدرند ،مير ملازم ٽالپر ۽ محمد صديق رند جي اڳواڻي ۾ بوائيز پرائمري اسڪول آفتاب ڪالوني تي ڇاپو ھنيو ۽ اسڪول جو  رڪارڊ تحويل ۾ وٺي پاڻ سان کڻي ويا  اڳوڻي ھيڊ ماستر مير محمد ھوٿيپوٽو ۽ موجود ھيڊ ماستر آفتاب راھو توڙي  ايس ايم سي جي چيئرمين انور اوٺو کي سڀاڻي ھيڊ  آفيس نوابشاھ  پھچڻ جو حڪم ڏنو سي او يارمحمد رند ٻڌايو تہ سال 2009 کان اسڪول جي ايس ايم سي ۽ ترقياتي ڪمن لاء آيل لکين روپيہ ھڙپ ڪياوياآھن  اسڪول ۾ ڪو بہ ر ڪارڊ ناھي ھن چيو تہ ڪنھن کي بہ ڪرپشن ڪرڻ  نہ ڏبي ڪرپشن ڪندڙن کي جيل حوالي ڪيو ويندو  ڇو نہ بااثر ملوث ھجن هن ڄاڻايو تہ مذڪوره اسڪول جي هلندڙ تعميراتي ڪم دوران ناقص مٽيريل جو استعمال ڪيو ويو آھي ٺيڪيدار کي پڻ طلب ڪيو آھي

قاضي احمد اينٽي ڪرپشن نوابشاھ جي سرڪل آفيسر  يار محمد رند ،اي ،ڊي ملازم حسين ٽالپر  جي اڳواڻي ۾  ايريگشن سب ڊويزن قاضي احمد آفيس اوچتو  ڇاپو ھنيو ڇاپي وقت ايريگيشن ملازم لياقت اڄڻ ۽ آفيس جا ملازم  رڪارڊ کڻي ڀت ٽپي فرار ٿي ويا  ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي  يارمحمد رند ٻڌايو آبپاشي کاتي سب ڊويزن قاضي احمد جي شاخ منهڙو تي وڏي ڪرپشن ڪئي ويئي آھي  اسان جي  ڇاپي وقت ملازم لياقت اڄڻ ۽ ٻيا ڀت ٽپي رڪارڊ کڻي فرار ٿي ويا آفيس اندر ڪوبہ رڪارڊ ناھي اسان شڪايتون مليون آھن ھتي  شاخن ۾ رشوت عيوض واٽر ڪورس ٽوڙي  کاٽي لاء آيل ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي ويئي آھي اهڙي  شڪايتن تي ڇاپا ھنيا آھن  ان موقعي تي داروغي دلدار سولنگي ٻڌايو تہ مون شاخ تي ڪرپشن روڪڻ جي ڪوشش ڪئي  تہ مون کي سسپنڊ ڪيو ويوآھي منھڙو شاخ تي آبادگارن سان وڏو ظلم لڳو پيو آھي ٽيم ڄاڻايل شاخ ڏانھن رواني ٿي وئي.

Advertisements