Category Archives: Programs

نوابشاهه شهر جشن آزادي جي موقعي تي قومي گيتن جي پڙاڏن ۽ سبز جهنڊن جي ڇانو ۾ مهڪي پيو ڊي سي سيڪريٽريٽ ۾ مک تقريب


​نوابشاھ(ڊر) نوابشاهه شهر جشن آزادي جي موقعي تي قومي گيتن جي پڙاڏن ۽ سبز جهنڊن جي ڇانو ۾ مهڪي پيو ڊي سي سيڪريٽريٽ ۾ مک تقريب صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار، چونڊيل نمائندن ۽ آفيسرن نوابشاهه پريس ڪلب پهچي پاڪستان جو جهنڊو فڙڪايو نوابشاهه ميونسپل ڪميٽي ۾ 700 پائونڊ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ملڪ جي ترقي تحفظ ۽ سالميت لاءِ گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم خبر موجب پاڪستان جي 70 هين جشن آزادي جي ڏهاڙي تي نوابشاهه شهر جا روڊ رستا، چوڪ چوراها آزادي جي گيتن جي پڙاڏن ۽ سبز جهنڊن جي ڇانو ۾ مهڪي پيا. جشن آزادي جي مکيه تقريب ڊپٽي ڪمشنر سيڪريٽريٽ نوابشاهه ۾ ٿي جنهن ۾ صوبائي وزير قانون ۽ جيل ضياءُ الحسن لنجار، ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، چيئرمين ضلعي ڪائونسل نوابشاهه سردار ڄام تماچي انڙ، ڪمشنر شهيد بينظير آباد ڊويزن غلام مصطفيٰ ڦل، ڊپٽي ڪمشنر نعمان صديق لاٽڪي گڏجي جهنڊو فڙڪايو انهي موقعي تي اهو وچن ورجايو ويو ته اسان قومي مفاد ۾ دلچسپي وٺون ملڪ جي خوشحالي ۽ ملڪ کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون جڏهن ته سردار ڄام تماچي انڙ چيو ته اسان جي وڏڙن قائد اعظم جي قيادت ۾ وياجي واڻين کان پاڪستان آزاد ڪرايو پر هيئنر مسلمان زور شور سان وياج وٺي رهيا آهن انهي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ضلعي شهيد بينظير آباد مان وياج جو ڪاروبار بند ڪرايو وڃي هن چيو ته ضلعي ۾ يا سنڌ ۾ ڪو به نجي جيل نه آهي صرف ڏوڪڙ فٻائڻ جي لاءِ ڊراما ڪيا ٿا وڃن هن آزادي ڏهاڙي جي خوشي ۾ اعلان ڪيو ته منهنجو جيڪو به هارين تي قرض آهي ۽ جيڪي بانڊيڊ ليبر تي پورهيت ڪم ڪن ٿا انهن تي جيڪي به ڏوڪڙ آهن اهي آئون معاف ٿو ڪيان هن چيو ته سنڌ ۾ هارپي جي ڪم کي نجي جيل جي آڙ ڏئي تنگ نه ڪيو وڃي ۽ اهڙي ڪا به ڳالهه هجي ته ان جي تحقيقات ڪرائي وڃي انهي موقعي تي نوابشاهه پريس ڪلب جي صدر ذوالفقار خاصخيلي، ڊائريڪٽر اسڪولز غلام اصغر لغاري، پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر شمس شيخ، چيئرمين ميونسپل ڪميٽي حاجي محمد عظيم مغل، ڊويزنل فاريسٽ آفيسر عثامه انور، عليشبا ناز آرائين ۽ مختلف اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين، ماروي ذوالفقار ڀٽي ۽ ٻين قومي گيتن تي پرفارم ڪيو. جڏهن ته سيڪيورٽي جا انتظامات انتهائي سخت ڪيا ويا هئا. جڏهن ته پوليس جي طرفان پاڪستاني جهنڊي کي سلامي ڏني وئي. ٻئي طرف نوابشاهه پريس ڪلب ۾ جشن آزادي جو جهنڊو صوبائي وزير قانون ضياءُ الحسن لنجار، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چيئرمين سردار ڄام تماچي انڙ، ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، ڪمشنر غلام مصطفيٰ ڦل، ڊپٽي ڪمشنر نعمان صديق لاٽڪي، نوابشاهه پريس ڪلب جي صدر ذوالفقار خاصخيلي ۽ ٻين عهديدارن گڏجي فڙڪايو ويو انهي موقعي تي صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته اسان کي پاڪستان جي قيام لاءِ عظيم جدوجهد ڪندڙ قومي هيروز کي فراموش نه ڪرڻ گهرجي ۽ انهن جي نقش قدم تي هلي پاڪستان کي خوشحال ۽ مضبوط بنائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ٻئي طرف جشن آزادي جي خوشي ۾ نوابشاهه جي تاريخ ۾ وڏي ۾ وڏو ڪيڪ 700 پائونڊن جو ميونسپل ڪميٽي آفيس نوابشاهه ۾ صوبائي وزير قانون ضياءُ الحسن لنجار، چيئرمين ميونسپل ڪميٽي حاجي محمد عظيم مغل، وائيس چيئرمين خان بهادر ڀٽي گڏجي ڪاٽيو ۽ جشن آزادي جي خوشي ملهائي انهي کانسواءِ بينظير ڀٽو پبلڪ اسڪول نوابشاهه ۾ رنگا رنگ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ پرنسپال امير بخش ڀٽي ۽ ضلعي انتظاميه شرڪت ڪئي ۽ شاگردياڻين طرفان مختلف قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو.

Advertisements

ٹوئردی سندھ سائیکل ریس کے شرکاء آج نواب شاہ پہنچے شاندار استقبال

نواب شاہ (بیورورپورٹ)محکمہ اسپورٹس اور یوتھ افئیر کی جانب سے منعقدہ ٹوئردی سندھ سائیکل ریس کے شرکاء آج سیہون سے بھٹ شاہ جاتے ہوئے نواب شاہ سے گذرے جہاں پر پریس کلب کے سامنے ریس کے شرکاء کو پھولوں کے ہار پہنائے گئے اور پھولوں کی پتیاں نچھاور کی گئی بعد میں سائیکل ریس بھٹ شاہ کے لئے روانہ ہوگئی جہاں وہ ایک دن کے قیام کے بعد اگلے مرحلے کے لئے حیدرآباد روانہ ہونگے واضع رہے کہ کھیلوں اور نوجوانوں کے معاملات کے صوبائی محکمے کے جانب سے 2 اپریل کو گھوٹکی سے ٹوئر دی سندھ سائیکل ریس شروع کی گئی تھی جو مختلف شہروں سے ہوتی ہوی 16 اپریل کو کراچی پہنچے گی ریس کا مقصد کھیلوں کو فروغ دینا ہے۔17800099_1911256705772678_7576652392015270614_n17795892_1911256729106009_7205116788250799404_n